ثانيه مرزا

ثانيه مرزا

ثانيه مرزا

ثانيه مرزا: ٽينس جي عالمي شهرت رکندڙ رانديگرياڻي، ثانيا مرزا 15 نومبر، 1986ع تي ممبئيءَ ۾ عمران مرزا جي گهر جنم ورتو. سندس ماءُ نسيما ۽ والد کيس ننڍپڻ ۾ ئي حيدرآباد دکن جي هڪ مذهبي گهر ۾ رهايو، پر هن ڇهن سالن جي عمر ۾ ٽينس کيڏڻ شروع ڪئي، کيس ٽينس سيکارڻ ۾ ۽ ڪوچنگ ڪرڻ ۾ سندس پيءُ عمران مرزا جو وڏو هٿ هو ۽ سندس ٻيا گهر ڀاتي به سندس همت افزائي ڪندا هئا. هن شروعاتي تعليم ناصر اسڪول حيدرآباد (دکن) مان ورتي ۽ سينٽ ميريز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. آهستي آهستي هن ٽينس ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي. ثانيا مرزا 2003ع ۾ فيلڊ ڪپ ٽينس ٽيم ۾ شموليت ڪئي ۽ ٽي سنگلز مقابلا کٽي، ڀارت سميت ڪيترن ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجو مداح بڻائي ورتائين. هن 2003ع ۾ روس جي رانديگرياڻيءَ سان گڏجي ومبلڊن چيمپيئن شپ جي ڊبل مقابلن وارو ٽائٽل کٽي ورتو. ثانيا مرزا ڀارت طرفان ٽينس کيڏندڙ پهرين رانديگرياڻي آهي، جيڪا سنگلز جي مقابلن ۾ 27 ۽ ڊبلز جي مقابلن ۾ 18 جي شرح رکندڙ آهي. هن 2005ع ۾ آمريڪا ۾ ٿيل ’گرانڊ سلم ٽورنامينٽ‘ ۾ حصو ورتو، هن ٽورنامينٽ ۾ هوءَ ڀارت طرفان حصو وٺندڙ پهرين ٽينس رانديگرياڻي هئي ۽ ان ٽورنامينٽ جي چوٿين رائونڊ تائين به پهتي. ساڳئي سال يو. ايس اوپن چيئمپيئن شپ جي چوٿين رائونڊ تائين کٽي آئي. 2007ع ۾ فرينچ اوپن جي ٻئي رائونڊ ۾ به پهتي. ڊبلز جي مقابلن ۾ هوءَ 2006ع ۾ فرينچ اوپن چيمپيئن شپ جي ٽئين رائونڊ تائين ڪامياب ٿي، 2007ع ۾ آسٽريلين اوپن چيمپيئن شپ جي ٽئين رائونڊ تائين پهتي. جڏهن ته 2007ع ۾ يو. ايس ۽ 2008ع ۾ ومبلڊن چيمپيئن شپ جي ڪوارٽر فائنل تائين پهتي. هن 2006ع ۾ مڪس ڊبلز جو مقابلو کٽي ’دوها اوارڊ‘/ سونو ٻلو حاصل ڪيو، جڏهن ته سنگلز جي مقابلن ۾ ٻه عدد چانديءَ جا ٻلا به حاصل ڪيا. هن وقت هن جي رينڪنگ 58 تي آهي. ثانيا مرزا جي اعليٰ صلاحيتن کي ڏسندي 2006ع ۾ ڀارت سرڪار کيس ’پدما شري‘ اوارڊ سان نوازيو، جيڪو ڀارت جو چوٿون وڏو سرڪاري اعزاز آهي. هوءَ اڄ تائين ڀارت توڙي ٻين ملڪن جهڙوڪ: فلپائين، نائيجيريا، برطانيا وغيره ۾ منعقد ٿيندڙ بين الاقوامي ٽينس ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. 2009ع ۾ هن مهيش ڀوپاتيءَ سان گڏجي آسٽريلين اوپن ٽينس مقابلن جي ٽورنامينٽ ’مڪس ڊبلز ايوينٽ 2009ع‘ کٽي، ڀارت جي پهرين عورت رانديگرياڻيءَ جي هيڏي وڏي ٽورنامينٽ کٽڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. هن کي ايم. جي. آر. ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي چنائيءَ طرفان 2008ع ۾ ”ڊاڪٽر آف ليٽرس“ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي آهي. تازو ثانيا مرزا ۽ پاڪستان جي نامور ڪرڪيٽر شعيب ملڪ هڪ ٻئي کي پسند ڪندي شاديءَ جو اعلان ڪيو، جنهن تي ٻنهي ملڪن جي ميڊيا ۾ وڏا تبصرا ٿيا. حيدرآباد دکن جي ئي هڪ ٻي عورت عائشه صديقيءَ شعيب ملڪ سان 2005ع ۾ نڪاح جو انڪشاف ڪيو. جنهن تي شعيب ملڪ واضح ڪيو ته هن انٽرنيٽ تي غلط فهميءَ جي بنياد تي نڪاح ڪيو هو، جنهن جي ڪا قانوني حيثيت نه آهي، مقامي عالمن به ان نڪاح کي جائز قرار نه ڏنو. نتيجي طور ميڊيا ۽ مقامي دٻاءَ تي شعيب ملڪ عائشه صديقيءَ کي اعلانيه طلاق ڏئي جان ڇڏائي. اهڙيءَ طرح پاڪستاني نامور ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ هندستاني ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا 12 اپريل 2010ع تي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. هن شاديءَ کي ٻنهي ملڪن ۾ ثقافتي ناتن جي بهتريءَ جو اهڃاڻ مڃيو وڃي ٿو.


لفظ ثانيه مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو